“سنڌيار ڪراچي 07 جون 2026ع” هڪ تبصرو

  1. ٿر جي سونهن  ۔ ۔  ريت ۾ لڪيل جنت
    ‎ٿر سنڌ جو ھڪ خوبصورت ريڳستاني علائقو جيڪو پنهنجي خوبصورتي حسن ثقافت ۽ مھمانوازي ۽ لوڪ روايتن  جي ڪري سڄي دنيا ۾ مشهور آهي
    ‎ٿرنالو وٺندي ئي ذهن ۾ سنهري ريت جا ٽڪرا، نيرا آسمان ۽ رنگين گهگهرن واريون عورتون اچي وڃن ٿيون. اهو سنڌ جو اهو ڪنڊو آهي جنهن کي دنيا “اڻپجندڙ زمين” چئي بيوفا سمجهيو، پر اصل ۾ ٿر بيوفا ناهي، اسان بي خبر آهيون.
    ‎ٿر جي سونهن عمارتن ۾ ناهي، ان جي خاموشي ۾ آهي. صبح جو سج جڏهن ريت کي سون ۾ تبديل ڪري ٿو ۽ شام جو ساڳي ريت ڳاڙهي انگوري رنگ ڌاري ٿي، تڏهن سمجهه ۾ اچي ٿو ته قدرت جو رنگ ساز ڪيترو ماهر آهي. برسات جي هڪ جهڙ سان اهو خشڪ ريگستان سائي چادر اوڍي بيهي ٿو ۽ جابلو، ڪيڙ، بئي جا گل پکيڙي مهمانن کي ڀليڪار چوي ٿو.
    ‎ڪيترن ئي شاعرن پنهنجي شاعري جي انداز ۾ ٿر جي خوبصورتي ڳايو آهي شيخ اياز ٿر جي قدر هن ريت ڪئي آهي: 
    ‎*”ٿر جي واري سون برابر، ٿر جا ماڻهو هيرن جهڙا”* 
    ‎۽ سچ به اهو ئي آهي. ٿر جي اصل سرمايو ان جي ماڻهو آهن. جن وٽ پاڻي گهٽ آهي پر دل وڏي آهي. جنهن جي گهر ۾ پاڻ کائڻ لاءِ نه هجي پر مهمان اچي ته سڄو گهر سندس اڳيان رکي ڇڏيندا آهن. ٿري عورت جو رنگين گهگهرو ۽ ٿري مرد جي اجرڪ، اها صرف پوشاڪ ناهي، اها 500 سال پراڻي تهذيب جي سڃاڻپ آهي.
    ‎رات جو ٿر هڪ جادوگري بڻجي ويندو آهي. شهرن جي شور ۽ روشني کان پري، آسمان تي لکين تارا ائين چمڪندا آهن ڄڻ ڪنهن ڪاري مخمل تي هيرا ڇڙي ڇڏيا هجن. استاد بخاري صحيح چيو: *”ٿر جي ڌرتي سوني ڌرتي، محبت جنهن جي سڃاڻپ آهي.”*
    ‎اڄ اسان کي ٿر کي رحم جي نظر سان نه، پر فخر جي نظر سان ڏسڻ گهرجي. ٿر اسان کي سيکاري ٿو ته زندگي وسيلن سان نه، پر صبر ۽ قناعت سان گذري ٿي. جيڪڏهن اسان ٿر جي سونهن کي سڃاڻي ان جي ثقافت، ٻولي ۽ ماحول کي بچايو، ته هي ريگستان سنڌ جو فخر بڻجي سگهي ٿو.
    ‎ڇو ته سونهن باغن ۾ نه هوندي آهي، سونهن ان دل ۾ هوندي آهي جيڪا ٿر جهڙي سخت زمين ۾ به گل پوکي سگهي.افسوس ٿر جي اندر ڪوئلي  اچڻ سان ڪيترن ماڻهن جي گھرن کي ڊاھيو ويو ۽ ھزارين ايڪڙ چراڳاھ ۽ فصل واري زمين کوٽائي جي ڪري کڏ ۾  تبديل وئي جنهن زمين تي مال چريا ڪندا ھئا اتي ھاڻ ڪوئلي  راھ جا جبل بيٺا آهن جنهن ڳوٺن ۾ صدين کان زندڳي ڳذاري  رھيا ھٔيا  اھي  ھاڻ ترقي جي نالي تي بي گھر ٿي ويا ۽ ڪوئلو سڙڻ سان ڪارو ڌوپ ۽ زھريلي ڳئس نڪري ٿي اھا سڌو ٿر جي ٻارن پوڙھن جي ڦڦڙن ۾ وڃي ٿي اڄ به ٿر ۾ دم TB ۽ چمڙي جا مرض وڌي ويا آهن شيخ اياز  چيو آهي ته ٿر جا ماڻهو ھيرن جھڙا اڄ به اسپتالن جي بيڊن تي  ساھ کڻڻ لاء وڙھي رھيا آهن
    ‎
    ‎پرويز علي نھڙي

پهنجو تبصرو موڪليو