سنڌيار جي نمائندي تي حملو، صحافين جي مذمت ۽ احتجاج

سنڌيار جي نمائندي تي حملو، صحافين جي مذمت ۽ احتجاج

ملير(ڊ ر )رزاق آباد ۾ مها ٻوڏ جي متاثرن جي ڪيمپ ۾ اختلافن سبب ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ سخت فائرنگ سان گڏ ڪهاڙين ۽ لٺين جو آزادانه استعمال ڪيو ويو ، ڪيمپ ۽ لاڳاپيل آبادي جنگ جو ميدان بڻجي وئي، گوليون ڪهاڙيون ۽ لٺيون لڳڻ سبب عورتن سميت 10 زخمي ٿي پيا. جن ۾ ابراهيم، رحيم مستوئي ، عامر مستوئي ، فتح محمد ، نعيم ، بابل ، مسمات منظوران ، مسمات منصوران ۽ مسمات مسڪان رتو رت ٿي پيا، اطلاع ملڻ تي شاهه لطيف پوليس پهچي جهيڙو ٽاريو ، اطلاع ملڻ تي عوامي پريس ڪلب ملير جا عهديدار ۽ روزاني سنڌ يار اخبار جي عيوضي شهزادو مستوئي رپورٽنگ لاءِ پهتا ته مٿن هٿياربندن لٺيون ڪهاڙيون ۽ گوليون وسايون. جنهن ۾ سنڌيار جو نمائندو مرڻينگ ٿي ويو. کائنس ڪيمرا ۽ موبائل فون کسي وئي ، صحافي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ مقامي اسپتال ڀيڙو ڪيو ويو ويو. جتي هن ٻڌايو ته رپورٽنگ لاءِ هو جيئن ئي واقعي واري هنڌ پهتو ته غفار مگسي، قادر بخش ، منير مگسي ، علي نواز ماڇي مٿس ڪهاڙين ۽ لٺين سان حملو ڪندي گوليون هلايون جنهن سبب هو زخمي ٿي پيو آهي، واقعي کانپوءِ رينجرز جا وڏا اٽالا رات ديرسان زخمي ڌر وٽ پهتا جتي پوليس کي گهرائي واقعي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو جڏهن ته پريس ڪلب جي صدر غلام علي گوندر، جنرل سيڪريٽري منظور سولنگي ، جوائنٽ سيڪريٽري ارشد گبول ، جمشيد زهراڻي، سجاد شاهه ، سامي ميمڻ ، لطيف ٻگهيو ۽ ٻين احتجاج ڪندي آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي ملير ۽ ايس ايڇ او شاهه لطيف کان گهر ڪئي ته صحافتي ذميواريون نڀائڻ دوران صحافي تي قاتلاڻو حملو ڪندڙ جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري زخمي صحافي جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو