نوشھرو فيروز (ن سنڌيار)سنڌو درياءَ مٺياڻي لڳ PWD بنگلو ڪاريجا ويجھو سنڌو درياءَ ۾ غلام مصطفيٰ ڀٽو ويٺل ڳوٺ مراد ڪوريجو جون 3 نياڻيون شازيه عمر22 سال، عقيلا 18 سال ۽ تسليمان 11 سالن جي ٻڏي فوت ٿي ويون. ٻڏل عورتن مان ٻه شادي شده هيون. هو پنھجي ڀاءُ سان درياءُ گھمڻ لاءِ آيو ھيون. اطلاع تي MPA ممتاز علي چانڊيو طرفان بروقت ٽوٻا گھرائي ڏنا ويا جن ڳولا ڪري عقيلا ۽ تسليمان جا لاش ھٿ ڪري ورتا. جنکي وارثن حوالي ڪيو ويو ۽ھڪ عورت شازيا جي اڃان تائين ڳولا جاري آھي جڏھن ته ھڪ ئي گھر مان ٽن ڀينرن جي موت جي خبر علائقي ۾ باھ وانگر پکڙجي وئي ۽وڏي تعداد ۾ ماڻھو واقعي واري ھنڌ پھچي ويا ۽لاش گھر پھچڻ تي گهر ۾ ڪھرام مچي ويو ٻئي پاسي ضلعي انتظاميا پاران ڪجهه ڏينھن پھريان ھڪ ليٽر جاري ڪري شاخن ۽ تفريحي ماڳن ۽واھن تي ماڻھن جي اچ وڃ ۽ تي پابندي جو حڪم ڏنو ويو ھو ليڪن ان تي ڌيان نه ڏيڻ سبب ۽ ماڻھن پاران درياھ تي سير سفر سبب واقعو پيش آيو آھي. ان موقعي تي ايس ايڇ او فريد ديرو کان جڏھن سوال ڪيو ته ھو محرم الحرام جي ڊيوٽين ۾ مصروف ھجڻ جو چئي ٽال مٽول ڪري ويو.










