ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ رفعت مختار چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪيتريون ئي قوتون امن امان خراب ڪرڻ چاهين ٿيون، ڪجهه ملڪ ۽ مخالف قوتون نه ٿيون چاهين ته چونڊون ٿين، اليڪشن جي حوالي سان سيڪيورٽي بابت ڪو مخصوص خطرو موجود نه آهي،تقريب کي خطاب ڪندي آءِ جي سنڌ رفعت مختار چيو ته اميدوارن کي چونڊ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ نه ڏينداسين، جان محمد مهر جو قتل ڪيس حل ٿي چڪو آهي، جوابدار گرفتار نه ٿيڻ سبب ڪيس منطقي انجام تي نه پهتو آهي،آءِ جي رفت مختار چيو ته ڪراچي جي بدنصيبي آهي جو سيف سٽي اڃا نه ٺهي سگهيو آهي، ڪراچي منشيات جي عادي ماڻهن جي معاملي ۾ دنيا جو ٻيو نمبر وڏو شهر آهي، هڪ اندازي موجب هتي منشيات جي عادي ماڻهن جو انگ 20 لک کان وڌيڪ آهي،رفعت مختار چيو ته منشيات واپرائيندڙن جي علاج لاءِ شهر ۾ اڍائي سئو کان 3 سئو تائين بحالي مرڪز قائم ٿيڻ گهرجن










