ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 10 مريض فوت ٿي ويا، 24 ڪلاڪن دوران 10754 ٽيسٽ ڪيا ويا، 24 ڪلاڪن دوران 360 نوان ڪيس سامهون آيا آهن، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت جاري بيان ۾ چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 360 نوان ڪيس سامهون آيا آهن، هن وقت تائين 863329 ٽيسٽ ڪيا ويا، صوبي ۾ هن وقت تائين 125289 ڪيسز ٿي چڪا آهن، 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 10 مريض فوت ٿي ويا آهن، هن چيو ته فوتين جو انگ 2307 ٿي چڪو آهي، 24 ڪلاڪن ۾ 952 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن، هن وقت 4058 مريض علاج هيٺ آهن، ڪراچي ۾ 185 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، بدين م 23، دادو ۽ گهوٽڪي ۾ 12، 12، شڪارپور ۽ ٺٽي ۾ 10، 10 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، ڄامشورو، خيرپور، ميرپورخاص ۽ سانگهڙ ۾ 8، 8 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.










