ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئين مرحلي ۾ فوج ۽ رينجرز مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪندي پهرئين مرحلي ۾ چونڊن لاءِ ٿيل انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز چوهاڻ چيو آهي ته پهرئين مرحلي ۾ مناسب انتظامن سبب رڳو ڪجهه پولنگ اسٽيشنز تي اڻوڻندڙ واقعا پيش آيا هن چيو ته امن امان برقرار رکڻ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ذميواري آهي، سنڌ جي رهيل 16 ضلعن ۾ مڪاني چونڊون 24 جولاءِ تي ٿينديون، جنهن لاءِ 13 هزار 518 اُميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن صوبائي اليڪشن ڪمشنر موجب ٻئي مرحلي جون مڪاني چونڊون پُرامن بڻائڻ لاءِ فوج ۽ رينجرز مقرر ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي ضابطن جي ڀڇڪڙي تي عملي خلاف ڊسڪه واقعي جيان ايڪشن کنيو ويندو، اُميدوارن ۽ اسيمبلي ميمبرز کي نااهل قرار ڏيڻ جو به اختيار رکي ٿي










