ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ ۾ فوري طور تي 4 ڏينهن جو ڪم ڪندڙ هفتو لاڳو ڪيو ويو آهي، سرڪاري آفيسون سومر کان خميس تائين کليل رهنديون.نوٽيفڪيشن موجب جمعو، ڇنڇر ۽ آچر موڪلون هونديون، سرڪاري گاڏين لاءِ ايندھن ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي.60 سيڪڙو سرڪاري گاڏيون ٻن مهينن لاءِ بند رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته نئين سرڪاري گاڏين جي خريداري تي جون تائين پابندي هوندي.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سرڪاري تقريبون، ڊنر ۽ افطار پارٽيون منع هونديون، ۽ سڀئي سرڪاري اجلاس آن لائن منعقد ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.صوبائي وزير ٽن مهينن تائين پگهارون ۽ فائدا نه وٺندا، ۽ گريڊ 20 ۽ ان کان مٿي جي آفيسرن کي اپيل ڪئي وئي آهي ته اهي ٻن ڏينهن جي پگهار نه وٺن.خانگي شعبي ۾ به چار ڏينهن جو ڪم ڪندڙ هفتو لاڳو ڪيو ويندو، ۽ 50 سيڪڙو ملازمن کي گهر کان ڪم ڪرڻ جي اجازت هوندي.نوٽيفڪيشن موجب اسڪولن ۾ 16 مارچ کان 31 مارچ تائين بهار جون موڪلون هونديون، ۽ ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ 100 سيڪڙو آن لائن ڪلاس منعقد ڪيا ويندا.ان کان علاوه، شادي جي تقريبن ۾ هڪ ڊش جي اجازت هوندي جنهن ۾ مهمانن جي تعداد 200 تائين محدود هوندي.










