سنڌ ۾ بدامني ۽ لاقانونيت ۾ بااثر ماڻهو ملوث آهن

سنڌ ۾ بدامني ۽ لاقانونيت ۾ بااثر ماڻهو ملوث آهن

ڪنڌڪوٽ(ن س)سنڌ جي شهر ڪنڌڪوٽ ۾ جي يو آءِ ف پاور شو ڪيو آهي، مولانا فضل الرحمان ڪنڌڪوٽ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ بدامني ۽ لاقانونيت ۾ بااثر ماڻهو ملوث آهن،هن چيو ته بدامني ۾ ملوث ماڻهن کي هڪ سياسي جماعت جي حمايت حاصل آهي، ڌانڌلين جي ڪا به ڪوشش ڪئي وڃي ته ڪارڪن مزاحمت ڪن، 2018 ۾ اسان جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو،جي يو آءِ سنڌ جي اڳواڻ راشد سومرو چيو ته آر اوز ۽ ڊي آر اوز پيپلزپارٽي جا مقرر ٿيل آهن، پيپلز پارٽي وارا ڊي آر اوز ۽ آر اوز کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن،هن چيو ته پيپلزپارٽي وارن ڌانڌلي ڪرائي ته اسان به چوڙيون نه پاتيون آهن، مزاحمت ڪنداسين

پهنجو تبصرو موڪليو