ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان ۾ هلندڙ ستين گهر شماري ۽ آدمشماري جو سلسلو ختم ٿيڻ وارو آهي پر سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اهو عمل مڪمل نه ٿي سگهيو آهي.ڪراچي سميت سنڌ جي ڪجهه شهرن ۾ ڳڻپ جو عمل اڃا تائين نامڪمل آهي ۽ شماريات واري اداري موجب ڪراچي شهر ۾ 1.38 ملين جڏهن ته حيدرآباد ڊويزن ۾ 19 لک ماڻهو ڳڻيا ويا آهن. سنڌ شماريات واري اداري جي ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مردم شماري جو وقت وڌائي سگهجي ٿو.سنڌ جي ڪل آبادي هن وقت تائين 4 ڪروڙ 83 لک کان مٿي ڳڻجي چڪي آهي، ڪراچي ڊويزن جي آبادي 1 ڪروڙ 38 لک ڳڻجي وئي آهي جيڪا اڻپوري آهي جڏهن ته حيدرآباد ڊويزن جي آبادي 1 ڪروڙ 9 لک، لاڙڪاڻي ڊويزن 71 لک، ميرپورخاص ڊويزن جي آبادي 1 ڪروڙ 38 لک آهي. ڊويزن جي آبادي 46 لک کان وڌيڪ، شهيد بينظير آباد 55 لک ۽ سکر ڊويزن جي 60 لک کان وڌيڪ شهري آهن.اختيارين جو چوڻ آهي ته ڊيٽا 30 اپريل تائين وفاقي حڪومت کي موڪلي ويندي، جڏهن ته شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي به بريفنگ ڏني ويندي.










