ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سوئي سدرن گئس ڪمپني 15 آڪٽوبر کان سڄي سنڌ ۾ 4 مهينن لاءِ سي اين جي اسٽيشنز کي گئس جي فراهمي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پوري ملڪ کي 70 سيڪڙو گئس ڏيندڙ سنڌ صوبي ۾ پهريون ڀيرو سڄي سياري جي مند دوران سي اين جي اسٽيشنز بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سياري ۾ رڳو ايل اين جي تي هلندڙ پمپس کليل رهندا، سي اين جي اسٽيشنز مالڪن جو چوڻ آهي ته وڌ کان وڌ پمپس مقامي گئس بدران ايل اين جي تي منتقل ڪري رهيا آهيون، سنڌ حڪومت کي گهرجي ته وفاق کان ملندڙ گئس جو حصو وڌائڻ جو مطالبو ڪري. ياد رهي ته ڪمپني 15 فيبروري کان سي اين جي سپلاءِ شروع ڪرڻ جو به اعلان ڪيو آهي.










