سنڌ ڪابينا ڪراچي ڊويزن ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

سنڌ ڪابينا ڪراچي ڊويزن ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي: (رپورٽر) سنڌ ڪابينا 90 ڏينهن جي لاءِ ڪراچي ڊويزن ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. رپورٽ موجب ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن جي معاملي تي مڪاني ادارن واري کاتي اليڪشن ڪميشن کي لکت ۾ آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ مڪاني کاتي طرفان اليڪشن ڪميشن کي لکيل خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ ڪابينه ڪراچي ڊويزن ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.خط موجب سنڌ ڪابينه 90 ڏينهن جي لاءِ ڪراچي ڊويزن ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن موجب مڪاني کاتي سنڌ ڪابينه جي منظوري بابت اليڪشن ڪميشن کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو