ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ڪميٽي روم ۾ 3 نون ايڊيشنل ججن جي حلف برداري جي تقريب ٿي، جتي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس ظفر احمد راجپوت نون ججن کان حلف ورتو.حلف کڻندڙن ۾ جسٽس محمد همايون خان، جسٽس سريش ڪمار ۽ جسٽس شاهنواز ميمڻ شامل آهن، جن ايڊيشنل جج طور پنهنجي عهدي جو حلف کنيو.تقريب ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ججن، بار جي نمائندن ۽ سينيئر وڪيلن شرڪت ڪئي.حلف برداري کانپوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مستقل ججن جو انگ 30، جڏهن ته ايڊيشنل ججن جو انگ وڌي 4 ٿي ويو آهي.نون ايڊيشنل ججن جي مقرري سان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ التوا هيٺ ڪيسن جي تيزي سان ٻڌڻي ۽ عدالتي ڪارروائين کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ جي اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي.










