حيدر آباد(ويب ڊيسڪ)سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بينچ ايڇ ايم سي جي رٽائرڊ ملازم کي پينشن نه ملڻ تي ميونسپل ڪمشنر کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالتي حڪم تي ميونسپل ڪمشنر ظهور احمد لکڻ کي حراست ۾ وٺي عدالتي احاطي ۾ ويهاريو ويو، حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي رٽائرڊ ملازم تلسي داس جي گهرواري چندا عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي چندا درخواست ۾ چيو ته مڙس 2021 ۾ رٽائر ٿيو هو، 3 سال گذرڻ باوجود پينشن جاري نه ڪئي وئي آهي، عدالت ميونسپل ڪمشنر کان پڇيو ته توهان بيمار ملازم جي علاج لاءِ سندس زال جي مالي مدد ڇو نه ڪئي آهي؟ توهان ضمانت ڪرائي آهي يا ائين ئي پيش ٿيا آهيو؟ ميونسپل ڪمشنر چيو ته چارج وٺندي ڪجهه ڏينهن ٿيا آهن، عدالت جيڪو حڪم ڪندي ان تي عمل ڪنداسين، عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کيس گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو










