ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پهرين فيبروري کان ڪراچي ۾ خاص طور تي عورتن لاءِ گلابي بس سروس شروع ڪري رهي آهي، جنهن ۾ مرد مسافرن کي داخل ٿيڻ جي اجازت نه هوندي. ذريعن موجب پهرين مرحلي ۾ ڪراچي ۾ عورتن لاءِ گلابي بس سروس ٻن روٽس تي هلائي پئي وڃي، شروعاتي طور هڪ روٽ ماڊل ڪالوني کان شاهراهه فيصل، ميٽرو پول، آءِ آءِ چندريگر روڊ کان مري ويتر ٽاور تائين آهي، جڏهن ته ٻيو روٽ مري ويتر کان آهي. ٽاور ڊسٽرڪٽ سينٽرل کان صدر تائين ٿيندو جيڪو بعد ۾ هلايو ويندو. گلابي بس سروس پاڪستان جي پهرين پبلڪ ٽرانسپورٽ سروس هوندي جيڪا خاص طور تي عورتن لاءِ هوندي، شروعاتي مرحلي ۾ گلابي بس سروس لاءِ 8 بسون خريد ڪيون ويون آهن، جيڪڏهن پهريون روٽ ڪامياب ٿيو ته ٻئي روٽ لاءِ بسون تيار ڪيون وينديون. گلابي بس سروس جو ڀاڙو 50 رپيا هوندو ۽ 1 فيبروري کان شروع ڪيو ويندو.سنڌ جي ٽرانسپورٽ کاتي پنڪ بس سروس لاءِ بسون خريد ڪري ورتيون آهن، اهي بسون ڪراچي پهچي ويون آهن ۽ سروس فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهن.ٻئي طرف سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي جي روٽ نمبر 4، 5، 6 ۽ 7 تي جلد کان جلد بسون هلايون وڃن.










