سنڌ حڪومت پاران ڪراچي ۾ اربع تي عام موڪل جو اعلان

سنڌ حڪومت پاران ڪراچي ۾ اربع تي عام موڪل جو اعلان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت برساتن جي ڪري اربع ڏينهن ڪراچي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي. اسڪول ۽ سرڪاري آفيسون بند رهنديون ۽ اڪثر نجي ادارا پڻ بند رهندا. اڱاري تي ڪراچي ۾ بيمثال برساتن سبب ڪيترائي روڊ رستا ۽ گهر پاڻي هيٺ آهن. ماڻهو سوين گاڏيون روڊن تي ڇڏي ويا آهن. گذريل رات بدترين ٽرفڪ جام هئي. حادثن ۾ 6 ڄڻا فوت ٿيا آهن ۽ موسميات کاتي اربع ۽ خميس تي وڌيڪ برسات جو امڪان ظاهر يو آهي. ان ڏس ۾ سنڌ جي تعليم واري وزير سردار شاهه جو چوڻ آهي ته سڀاڻي امڪاني برساتن سبب شهر جا اسڪول بند رهندا. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو به چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ اربع تي عام موڪل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو