حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، ستار رند ۽ ڄام تماچي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ جي پاڻي تي پنجاب جا حڪمران ڌاڙا هڻي رهيا آهن، پاڻي جي کوٽ سبب سنڌ جا ماڻهو، بکن ۾ پاه ٿي ويا آهن، چوپايو مال مري رهيو آهي جنهنڪري ڀاڳيا چوپائي مال کي ڀڳڙن مٺ تي وڪڻڻ تي مجبور آهن. سنڌ سان اهڙو ظلم ۽ ناحق ٿي رهيو آهي پر سنڌ حڪومت سي سي آء ۾ سنڌ جي پاڻي جو معاملو اٿارڻ لاء تيار ئي ناهي. پيپلز پارٽي کي جڏهن فنڊ گهٽ ٿا ملن ته پوء بلاول ڀٽو حڪومت ڇڏڻ جون ڌمڪيون ڏئي وزيراعظم سان بارگينگ ڪري ٿو، باقي سنڌ جي پاڻي جي معاملي تي بلاول جا چپ ئي نٿا چرن. سنڌ جي پاڻي جي چوري بند ڪرائڻ بدران پيپلز پارٽي وفاق کي فقط خط لکي عوام جي منهن ۾ ڌوڙ وجهي رهي آهي. پاڻي معاملن جو وفاقي وزير خورشيد شاه به پيپلز پارٽي جو ئي اڳواڻ آهي. پيپلز پارٽي جو صوبائي وزير ڪهڙي منهن سان سندس پارٽي جي وفاقي وزير کي خط لکي رهيو آهي? پيپلز پارٽي جو مڪر هاڻي نه هلندو، پيپلز پارٽي جو عوام دشمن ڪردار سنڌ جي عوام اڳيان پڌرو ٿي چڪو آهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو آهي ته وفاقي حڪومت جي نالي ۾ پنجاب جي شهنشاهيت قائم ڪيل آهي، جنهنڪري سمورا وفاقي ادارا پنجاب جي جاگيردارن جا نمائنده بڻيل آهن ۽ پنجاب کي سنڌ جو پاڻي چورائڻ ۾ مدد ڪري رهيا آهن. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا هڻڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي. تونساپنجند ۽ چشما_جهلم لنڪ ڪينال جهڙا ڌاڙيل واه ۽ ڪينال بند ڪيا وڃن










