ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي قومپرست جماعتن ۽ سڄاڻ ڌرين ٻيٽن تي نوان شهر اڏڻ واري وفاق حڪومت جي جاري ڪيل آرڊيننس کي رد ڪندي احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي. فشر فوڪ فورم جي سربراهه محمد علي شاهه جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ ڪوٺايل سيمينار دوران سنڌ جي ٻيٽن تي شهر اڏڻ لاءِ گورنر هائوس ۾ اجلاسن دوران ٿيل فيصلا غيرقانوني قرار ڏيندي پيپلزپارٽي تي آئيلينڊ اٿارٽي جي قيام خلاف پارليامينٽ ۾ احتجاج ڪرڻ تي زور ڀريو ويو آهي، قومپرست جماعتن ۽ سڄاڻ ڌرين آئيلينڊ اٿارٽي وارو آرڊيننس به رد ڪندي چيو آهي ته صدر ۽ گورنر سنڌ پاڻ ۾ صلاح مشورا ڪري سنڌ جي ٻيٽن تي نوان شهر اڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي، گورنر ۽ صدر کي سنڌ جي ٻيٽن بابت فيصلا ڪرڻ جو ڪوبه اختيار نه آهي، سيمينار کي جلال محمود شاهه، خالق جوڻيجو، آءِ اي رحمان، گل حسن ڪلمتي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جَي وسيلن تي قبضن جي سازش ناڪام بڻائڻ لاءِ قانوني دڳ اختيار ڪرڻ سان گڏ پارليامينٽ ۽ رستن تي به جدوجهد ڪرڻي پوندي، سنڌ حڪومت کي ٻيٽن ۽ آئيلينڊ اٿارٽي جَي قيام تي پنهنجي پوزيشن واضح ڪرڻ گهرجي. هوڏانهن جي ڊي اي اڳواڻ اياز لطيف پليجو جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ جي ٻيٽن تي شهر اڏڻ واري وفاقي حڪومت جي غير قانوني فيصلي تي جي ڊي اي کي احتجاج طور وفاقي حڪومت سان اتحاد ختم ڪرڻ گهرجي. اياز لطيف پليجو چيو ته سمنڊ ۽ ان جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن، قومي عوامي تحريڪ آئلينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي کي رد ڪري ٿي، صدارتي آرڊيننس آئين جي خلاف آهي، سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي لاءِ سنڌ سرڪار ۽ وفاقي حڪومت ڳٺ جوڙ ڪيو آهي، اهڙي سازش کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ڊگهي جدوجهد ڪنداسين.










