سنڌ جي مختلف علائقن ۾ 6 معززين فوت ٿي ويا

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ 6 معززين فوت ٿي ويا

ڪراچي (نمائندن وٽان) غوثپور ۾ گهنڃا برادري جو چڱو مڙس فالج ۽ دل جي دوري، ٺري ميرواهه ۾ پوليس وارو بخار، روهڙي ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب ۽ شاهپور جهانيان جي ڀرپاسي مختلف بيمارين ۾ هڪ عورت سميت ٽي ڄڻا فوت ٿي ويا. ڪرمپور مان ڪريم بخش ملڪ موجب ڳوٺ نصرالله بجاراڻي جو رهاڪو گهنڃا برادري جو چڱو مڙس عزيزالله گهنڃو ڪراچي جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. شاهپور جهانيان مان اسد جاني موجب سياسي ۽ سماجي اڳواڻ سيٺ محمد ڏاهري جو ننڍو ڀاءُ علي گل ڏاهري ڪينسر جي بيماري سان جهيڙيندي فوت ، چوٿون ميل اسٽاپ تي قائم گلاب مغل ۾ سماجي اڳواڻ استاد غلام شبير مغل جو چاچو خدا بخش مغل ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دل جي مرض جي ڊگهي علالت بعد فوت ، ڳوٺ صفن واسي اسماعيل ڏاهري جي گهر واري فوت ٿي وئي ، فوتين جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي ، جنهن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ، صحافين ، علائقي واسين سميت برادري جي وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي. مرحومن جي پونئرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.*** ٺري ميرواھ مان زاهد شر موجب ڳوٺ سيري جو رهواسي ايس ايس پي خيرپور جي اسڪواڊ جو نوجوان پوليس اهلڪار عرفان علي سولنگي بخار سبب فوت ٿي ويو، جنهن جي جنازي نماز ڳوٺ سيري ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ ڊي ايس پي ٺري ميرواھ عبدالقيوم مهر ، ايس ايڇ او پيروسڻ اقبال حسين رڏ ۽ پوليس کاتي جي جوانن ، سياسي سماجي شخصيتن ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.*** سکر مان جيرام داس موجب روهڙي لڳ ڳوٺ رجب علي دايو ۾ نوجوان منير احمد کي شادي هال ۾ پنڊال جي تياري دوران بجليءَ جي تار مان ڪرنٽ لڳو، جنهن جي نتيجي ۾ هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. نوجوان جو لاش اسپتال ۾ ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان ڳوٺ باغائي ڀٽو جو رهواسي هو، جيڪو شادي هال ۾ مزدوري سانگي ويو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو