سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثا 10 ڄڻا فوت

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثا 10 ڄڻا فوت

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مختلف روڊ حادثن ۾ 10 ڄڻا حياتيون وڃائي چڪا آهن.کاڻوٺ ڀرسان ٽرڪ ۽ ڪار وچ ۾ زوردار ٽڪر سبب 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، هڪ زخمي ٿي پيو، کاڻوٺ ڀرسان تيز رفتار  ڪوچ پينو فقير کي  چيڀاٽي ماري ڇڏيو، ڪاٺوڙ ويجهو سپر هاءِ وي تي ٻن ٽرالرن جو پاڻ ۾ ٽڪر ٿيڻ تي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا، هڪ زخمي ٿي پيو ، فوتين جي سڃاڻپ 18 ورهن جي وحيد پٽ لال بخش ۽ 22 ورهن جي سجاد خان پٽ اسد خان جڏھن ته زخمي جي سڃاڻپ 35 ورهن جي شامي پٽ شاهه مراد طور ٿي،  فوتين جا لاش ۽ زخمي کي عباسي شھيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. جھول ويجهو سانگهڙ روڊ  تي تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، جڏهن ته مٺياڻي ۾ حادثي ۾ هڪ فرزانه شاهه ناري فوت ٿي وئي، هڪ ناري ساجده شاهه زخمي ٿي پئي، ملير جي هڪ نجي اسڪول ۾ ڊوڙ دوران شاگرد ڌڪ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو