سنڌ جي جزيرن، وسيلن ۽ ٻيٽن جو ڪيس اسان وڙھيا آھيون: راشد محمود

سنڌ جي جزيرن، وسيلن ۽ ٻيٽن جو ڪيس اسان وڙھيا آھيون: راشد محمود

شڪارپور (ن سنڌيار) جمعيت علماء اسلام صوبه سنڌ جي جنرل سيڪريٽري علامه راشد محمود سومرو چيو آھي تہ تبديلي ۽ انقلاب جمعيت علماءِ اسلام جي پليٽ فارم تان ئي اچي سگھندي، سنڌ جي جزيرن، وسيلن ۽ ٻيٽن جو ڪيس اسان وڙھيا آھيون، اھڙن خيالن جو اظهار ھن شڪارپور جي وارڊ 22 صديق ماڙي محله ۾ ٿيندڙ ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڪيو، علامه راشد محمود سومرو جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان ھميشه مسڪينن، مزدورن سميت سنڌ جي حقن لاءِ جنگ وڙھي آھي ۽ آخري دم تائين سنڌ جي حقن جي چوڪيداري ڪندا سين، ھن چيو ته سنڌ جا نوجوان سنڌ لٽيندڙن، غريبن جا حق کائيندڙن، اسپتالن جو برو حال ڪندڙن، تعليم کپائيندڙن سان جمعيت جي پليٽ فارم تان مقابلو ڪن ۽ سنڌ ۾ جمعيت جي پليٽ فارم تان متبادل قيادت منتخب ڪن، ھن چيو ته غريبن ۽ مسڪينن کي حق تڏھن ملندا جڏھن اُنھن جا ھمدرد ماڻھون ايوانن ۾ پھچندا، راشد سومرو جو چوڻ ھو ته جيڪڏھن سنڌ ۾ جيڪڏھن حقيقي تبديلي چاھيو ٿا ته قيادت تبديل ڪرڻي پوندي، ستر سالن کان سنڌ تي قيادت ڪندڙن کي مسترد ڪرڻو پوندو، جنھن رفتار سان سنڌ جا ماڻھون اسان تي اعتماد ڪري موٽ ڏين ٿا انھيءَ اعتماد کي ووٽ ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آھي ڇو جو تبديلي ۽ انقلاب ووٽ سان ئي ايندو، ھن چيو ته شڪارپور ۾ اين پي پي اڳواڻ ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي سان گڏجي بلدياتي اليڪشن وڙھي رھيا آھيون، شڪارپور جا ماڻھون 26 جون تي اسان جي اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪن، ان موقعي تي مولانا عبدالله پهوڙ، قاري مجيب الرحمان مدني، مولانا عبدالله مھر، زاھد پھوڙ، لياقت علي صديقي، حافظ زبير احمد ميمڻ، حاجي فائق ميمڻ ۽ ٻيا موجود ھئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو