24 ضلعن ۾ رهيل بلدياتي چونڊن لاءِ پولنگ مڪمل، پ پ کي سرسي

24 ضلعن ۾ رهيل بلدياتي چونڊن لاءِ پولنگ مڪمل، پ پ کي سرسي

ڪراچي(نمائندن وٽان )ڪراچي، سکر، جيڪب آباد، شڪارپور، گهوٽڪي، خيرپور سميت سنڌ جي 24 ضلعن ۾ ضمني چونڊن جي پولنگ کانپوءِ ووٽن جي ڳڻپ ٿي آهي. سنڌ ۾ ضمني چونڊن جا غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي. ڪراچي ۾ هن وقت تائين پيپلز پارٽي ٽن وارڊن تي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، جماعت اسلامي هڪ وارڊ تي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.ڪراچي جي بلديا ٽائون يوسي 1 وارڊ 3 جو مڪمل غير سرڪاري نتيجو اچي ويو. پيپلز پارٽي جو اميدوار 445 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو. پاڪستان تحريڪ انصاف جو اميدوار 91 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي رهيو.ضلعي ڪياماڙي ماريپور ٽائون يوسي 8 وارڊ 3 ۾ پيپلز پارٽي جو اميدوار 423 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو. پي ٽي آءِ اميدوار 269 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.ابراهيم حيدري يوسي پنچ وارڊ 2 جو پورو نتيجو اچي ويو. پيپلز پارٽي جو هدايت الله 439 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو. تحريڪ انصاف جو طاهر شاهه 236 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.ضلعي ڪورنگي ماڊل ڪالوني يوسي 8 وارڊ 4 ۾ جماعت اسلامي جو اميدوار 773 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو. مسلم ليگ ن جو اميدوار 724 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي رهيو.سنڌ جي ٻين شهرن ۾ ٿيل ضمني چونڊن ۾ پيپلز پارٽي ٽن وارڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. آزاد پينل 2 جڏهن ته پي ٽي آءِ جي پينل هڪ سيٽ حاصل ڪئي.اميدوارن جي وفات ۽ ٻين سببن ڪري انهن سيٽن تي چونڊون نه ٿي سگهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو