سکر (ن سنڌيار)انچارج ڪنٽرول روم چيو ته سنڌ جا سکر، گڊو ۽ ڪوٽڙي بئراج اڃا تائين پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن.هڪ بيان ۾ ڪنٽرول روم جي انچارج چيو ته ارسا پاران 30 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو آهي ۽ گڊو بئراج تائين پاڻي پهچڻ شروع ٿي ويو آهي.هن چيو ته گڊو بئراج وٽ پاڻي جي سطح 24 ڪلاڪن دوران 3 هزار ڪيوسڪ کان وڌي وئي آهي جڏهن ته سکر بئراج وٽ پاڻي جي کوٽ 48 سيڪڙو کان وڌي 50 سيڪڙو ٿي وئي آهي.هن اهو به چيو ته سکر بئراج مان صرف کيرٿر ڪينال ۾ پيئڻ جو پاڻي ڇڏيو پيو وڃي جڏهن ته رائيس ۽ دادو ڪينال اڃا بند آهن.ڪنٽرول روم جي انچارج ٻڌايو ته گڊو بئراج، گهوٽڪي پٽي فيڊر، بيگاري ۽ رني ڪئنال جا ڪينال بند آهن ۽ ايندڙ 24 کان 48 ڪلاڪن دوران سکر بئراج تي پاڻي جي سطح وڌڻ جو امڪان آهي.










