سنڌ اندر مختلف واقعن ۾ 4 ڄڻا فوت، 8 زخمي

سنڌ اندر مختلف واقعن ۾ 4 ڄڻا فوت، 8 زخمي

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ اندر مختلف واقعا پيش اچڻ سبب 4 ڄڻا فوت 8 زخمي ٿي پيا جن کي وارث مقامي اسپتالن ۾ کڻائي آيا ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. ٽنڊو مستي مان نادر علي اڄڻ مطابق نيشنل هاءِ وي موساڻي اسٽاپ تي سکر کان ايندڙ ٽالر جو موٽرسائيڪل کي زوردار ٽڪر جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ عبدالواحد وساڻ جي رھواسڻ 55 سالن جي مسمات نهالان زال شفيع محمد وساڻ ۽ 10 سالن جي معصوم نينگري بينظير ڌي شفيع محمد وساڻ ٽالر هيٺيان اچي ٿڏي ته فوت ٿي ويون. جڏهن ته 17 سالن جو نوجوان راشد پٽ شفيع محمد وساڻ سخت زخمي ٿي پيو. زخمي کي گمبٽ اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو. ھوڏانهن ٽنڊومستي پوليس ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽالر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. *** ٺل مان عبدالنبي شيخ مطابق ڳوٺ شير خان گهنڃو جو رهواسي 60 ورهين جو ڳوٺاڻو سوڍو گهنڃو ڳوٺ کان شهر اچي رهيو ته چنگچي رڪشا تان ڪري پيو جنهن سبب فوت ٿي ويو. فوتي جو مڙهه سندس گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو. *** شيخ ڀرڪيو مان مظهر علي بروهي مطابق حيدراباد روڊ پٻڻ ڀرسان نامعلوم گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار نوجوان عبيد شاهه موقعي تي فوت جڏهن عثمان ڪشميري بيهوشي واري حالت ۾ سول اسپتال حيدراباد منتقل ڪيو ويو. 

فوتي ۽ زخمي نوجوان حيدراباد کان شيخ ڀرڪيو اچي رهيا هئا ته کين حادثو پيش آيو فوتي نوجوان عبيد  شاھ چڪوال جو رهواسي هو شيخ ڀرڪيو شگر ملز ملز ۾ نوڪري ڪندو هو فوتي جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد سندس وارث اباڻي شھر چڪوال کڻائي ويا. *** خانپور مان زبير گل مطابق ڪچي واري ڳڙھي تيغي ۾ پوليس جي مٿان ھٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ ھڪ اھلڪار طالب ميمڻ زخمي ٿي پيو زخمي پوليس اهلڪار کي سکر اسپتال نيو ويو. *** مبارڪپور مان قربان علي مهر مطابق شهر سميت آسپاس جي علائقن ۾  رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو، هڪ هفتي دوران ٻن معصوم نينگرن سميت 4 ماڻهون ڏاڙهجي زخمي ٿي پيا، رولو ڪتن جي آزار سبب رهواسين ۾ حراس پکڙجي ويو، رولو ڪتا هر وقت روڊ رستن، ۽ گهٽين ۾ ٽولن جي صورت ۾ موجود،ڪتن جي وڌندڙ آزار سبب ٻارڙن اسڪول وڃڻ ڇڏي ڏنو، اسپتال ۾ وئڪسين جي کوٽ، ڪتي ڏاڙهيل نينگر  جيڪب آباد منتقل ڪيا ويا. گذريل هڪ هفتي دوران 2 نينگرن عبدالغفار مستوئي، وقار ڪورار سميت 4 ڄڻن عبدالصمد سرڪي، مٺل بنگلاڻي، نور الدين ڪٽو مهراب کوسو کي رولو ۽ ڇتن ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو آهي، جن کي مبارڪپور جي مقامي اسپتال پهچايو ويو جتي ڪتي جو وئڪسين نگ هجڻ ڪري زخمين کي جيڪب آباد منتقل ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو