سنڌ اندر ماڪڙ تباهي مچائي ڇڏي، آبادگارن جا هٿ مٿي تي

سنڌ اندر ماڪڙ تباهي مچائي ڇڏي، آبادگارن جا هٿ مٿي تي

ڪراچي (نمائندن وٽان) هڪ طرف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات جا هاڃا جاري آهن جنهن سبب ڪيتريون ئي انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن ماڻهن جا فصل، چوپايو مال، گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آهن ته ٻئي طرف سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ ماڪڙ وڏي تعداد ۾ پهچي ڪمند، سارين، ڀاڄين، وڻن ۽ ٻين تيار ٿيل فصلن تي حملو ڪري فصل کائي ناس ڪري ڇڏيو آهي جنهن ڪري وڏا توڙي ننڍن آبادگارن جا هٿ مٿي تي اچي ويا آهن. اوٻاوڙ مان غلام علي رند مطابق اوٻاوڙ جي آس پاس واري علائقن ۾ ماڪڙ جو حملو ڪمند ۽ ڪپهه جو فصل تباھ آبادگارن طرفان ڊي سي گهوٽڪي ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر اوٻاوڙوکان فصل جي بچاءَ مهم جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته هڪ ته اسان کي نقلي دوائون ملڻ سبب فصل جي اُپت نه ٿي آھي ۽ ته ٻئي طرف فصل تي ماڪڙ حملو ڪري ڏنو آهي علائقي واسين ڊي سي گهوٽڪي کان مطالبو ڪندي اها گهر ڪئي آھي ته اسان جي خدارا مدد ڪئي وڃي. *** مورو مان ايازسولنگي مطابق مورو شھر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ماڪڙ وڏي تعداد ۾ پھچي وئي آھي, ماڪڙ پھچڻ شرط بيٺل ڪمند، ٽماٽر، ڌاڻا، گوگڙو، موري، سرنھن ۽ ڪيلي جي باغن سميت ٻين فصلن ۽ بيٺل وڻن تي حملو ڪري فصل کائي ناس ڪري ڇڏيا جنهن سبب وڏا توڙي ننڍا آبادگار سخت پريشاني ۾ مبتلا انتظاميا پاران ڪو به تحرڪ نه ورتو ويو ماڪڙ جو وڏو تعداد ڏسي علائقي واسين ۾ مايوسي ڇانيل آھي شهر ۾ ماڪڙ پھچڻ ۾ شھرين ۽ دڪاندارن ۾ افرا تفري مچي وئي ۽ خوف واري فضا ڇائنجي وئي, ماڪڙ گهرن دڪانن وڻن ۽ آفيسن ۾ ويهي وئي آھي. ماڪڙ جا ڪٽڪ شھر پهچڻ تي ماڻھو گهرن تائين محدود ٿي ويا ۽ سڄي آسمان طرف ماڪڙ ئي ماڪڙ نظر اچي رهي آھي اهڙي صورتحال اڳ ۾ ڪڏهن به نه ٿي آھي ٻھراڙيء جي علائقن ۾ ماڪڙ پهچي ٿي ۽ فصلن کي نقصان رسائي ٿي پر هي پهريون واقعو آھي جو هاڻي ماڪڙ شھرن طرف رخ ڪيو آهي. *** ٺڪراٺو مان حضرت گل پٺاڻ مطابق ريگستاني علائقن ديھ وس، ڪاهينجا،  لالو پٽ ۽  ڪنڍاهو  ۾ هي ٽيون ڀيرو ماڪڙ جا اچي  لکن جي تعداد ۾ ڪٽڪ لٿا آھن جنهن ڪري هتي بيٺل ڦٽين ، ترن ، ساون گاھن ، توڙي جو وڻن جنهن ۾ کبڙ ، ڪرڙ ، ٻوھ کي کائي ناس ڪري ڇڏيو آھي. علائقي واسي پنهنجي ديسي طريقن جهڙوڪ لوهي ٽين ۽ خالي بوتلن کي وڄائي ڪري ماڪڙ کي ڀڄائڻ لڳا آهن. زراعت کاتي  سکر ڪي به اپاء نه ورتا ، هر ڀيري هو ميڊيا تي خبرون هلڻ بعد ئي جاڳندا آھن. ان کان علاوهه سنڌ جي مختلف ننڍن وڏن شهرن ۾ ماڪڙ بيٺل فصلن کان علاوهه هاڻي شهري آبادي طرف رخ اختيار ڪيو آهي ماڪڙ کي ڏسڻ لاءِ شهري سڄو ڏينهن آسمان ڏانهن رُخ ڪري ڏسندا رهيا. آبادگارن پاران سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته ماڪڙ کان بچاءُ لاءِ ترت مهم هلائي اسان کي وڌيڪ نقصان ٿيڻ بچايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو