اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان بلاول ڀٽو زرداري سينيٽ جي چيئرمين صادق سنجراڻي کي مخاطب ٿيندي چيو آهي ته ”سنجراڻي صاحب هاڻي به وقت ناهي ويو سٺو آهي ته استعيفيٰ ڏيو نه ته سڀاڻي هليا ويندا“. اهڙو اظهارهن اپوزيشن جي سڀني جماعتن جي سينيٽرن جي اعزاز ۾ ڏنل مانجهاندي کي خطاب ڪندي ڪيو. دعوت ۾ 50 کان وڌيڪ سينٽرز شريڪ ٿيا. سينيٽ چيئرمين خلاف اپوزيشن جي عدم اعتماد جي تحريڪ تي خميس تي ووٽنگ ٿيندي. ووٽنگ کان هڪ ڏينهن اڳ منعقد ڪيل دعوت ۾ هن چيو ته اپوزيشن وٽ انگ پورو آهي پر جيڪڏهن هاڻي به استعيفيٰ ڏيو ته سٺو فيصلو هوندو. دعوت ۾ سينيٽ چيئرمين جو اميدوار حاصل بزنجو کانوسواءِ مسلم ليگ (ن) سميت سمورين جماعتن جي سينيٽرز شرڪت ڪئي. ٻئي پاسي سينٽ ۾ قائد ايوان شبلي فراز بلاول جي استعيفيٰ واري مطالبي کي فضول قرار ڏيندي چيو ته صادق سنجراڻي استعيفيٰ نه ڏيندو. سينيٽ چيئرمين خلاف عدم اعتماد لاءِ 53 ووٽ گهربل آهن ۽ اپوزيشن وٽ 60 کان وڌيڪ ووٽ آهن. اسحاق ڊار حلف ناهي کنيو، جماعت اسلامي وٽ ٻه ووٽ آهن انهن ڪو فيصلو ناهي ڪيو.










