سمورا لاڳاپيل ادارا پنهنجي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر ڪن

سمورا لاڳاپيل ادارا پنهنجي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر ڪن

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اطلاعات کاتي جي ڊائريڪٽرن جو هڪ اهم اجلاس سنڌ جي اطلاعات کاتي واري سيڪريٽري نديم رحمان ميمڻ جي صدارت هيٺ آرڪائيوز ڪمپليڪس ڪلفٽن ڪراچي ۾ ٿيو. ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ رليشنز سوائي خان ڇلگري، ڊائريڪٽر ايڊمن اينڊ اڪائونٽس محمد يوسف ڪابورو، ڊائريڪٽر اليڪٽرانڪ ميڊيا عبدالمعيز پيرزادو، ڊائريڪٽر پبليڪيشن منصور راجپوت، ڊائريڪٽر پريس حزب الله ميمڻ، ڊائريڪٽر پريس انفارميشن حسن اصغر نقوي، ڊائريڪٽر فلمز رياض ميمڻ، ڊائريڪٽر سوشل ميڊيا فيصل فاروقي، ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊورٽائيزنگ سارنگ لطيف چانڊيو، ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊمن عليم خان، ڊپٽي ڊائريڪٽر صاحب خان ڀنڊ، سيڪشن آفيسر اسلم خان، انفارميشن آفيسر ڪينجهر ميمڻ، انفارميشن آفيسر دانش، انفارميشن آفيسر لياقت علي، انفارميشن آفيسر شڪور ، آفيسر سريش ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سيڪريٽري اطلاعات سنڌ هدايتون ڏنيون ته سمورا لاڳاپيل ادارا پنهنجي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر ڪن ۽ پنهنجو رڪارڊ صحيح نموني ترتيب ڏيو. سيڪريٽري اطلاعات هدايتون ڏنيون ته کاتي جا آفيسر صحافتي ادارن، پريس ڪلبن ۽ صحافين سان مسلسل رابطي ۾ رهن ته جيئن سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي کي بروقت ۽ سمورن ميڊيا تي عوام آڏو اجاگر ڪري سگهجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو