اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم اوگرا جي سمري منظور ڪري ها ته پيٽرول 245 رپيا في ليٽر ٿي وڃي هاجيڪڏهن وزيراعظم شهباز شريف آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) جي سمري رد نه ڪري ها ته پيٽرول 245 رپيا في ليٽر هجي ها.اوگرا کي پيٽرول 95 رپيا في ليٽر ۽ ڊيزل 145 رپيا في ليٽر وڌائڻ جي سمري موڪلي وئي هئي، جنهن کي وزيراعظم رد ڪري ڇڏيو هو. اوگرا جي سمري رد ڪندي وزيراعظم شهباز شريف پيٽرول، ڊيزل، لائيٽ ڊيزل ۽ گاسليٽ جون قيمتون برقرار رکڻ جو فيصلو ڪندي عوام کي عيد جو تحفو ڏنو آهي. پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن موجب جيڪڏهن وزيراعظم اوگرا جي سمري منظور ڪري ها ته پيٽرول 245 رپيا في ليٽر ۽ ڊيزل 300 رپيا في ليٽر ٿي وڃي ها.










