سما گل سنگساري معاملو ناهي، معذرت ڪريون ٿا، سعيد غني

سما گل سنگساري معاملو ناهي، معذرت ڪريون ٿا، سعيد غني

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري وزير سعيد غني چيو آهي ته سماء گل جي سنگساري واري معاملي بابت هو سندس خاندان کان معافي ٿو وٺي. هن جي بقول تي هي ڪيس نه سگنساري جو آهي، نه ڪارو ڪاري ۽ جرڳي جو. هن جي بقول ته سندس موت مٿان ڳري شئي ڪرڻ سبب ٿيو هو. سوشل ميڊيا تي اڻ تصديق ٿيل خبر شايع ٿي جنهن بعد قبر ڪشائي ٿي ۽ سندس والدين گرفتاري ٿيا. هن سنڌ اسمبلي ۾ بيان ڏيندي چيو ته سوشل ميڊيا ۽ ريگولر ميڊيا کي بنا ثبوت اهڙن حساس معاملن ۾ اهطياڀ ڪرن گهرجي ۽ بنا ثبوت معاملا رپورٽ نه ڪرڻ گهرجن. ٻئي پاسي سنڌ حڪوت پوليس کي گرفتار ڪيل نيننگري جي والد، مولوي ۽ ٻين کي آزاد ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ياد رهي ته ڇوڪري جي گرفتار والده اڳ ۾ ئي آزاد ڪئي وئي هئي. ٻئي پاسي ڪجهه مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت جو فيصلو سرداري نظام آڏو بيوس لڳي پيو.

پهنجو تبصرو موڪليو