اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب جي دوري کان اڳ بيان جاري ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ شهباز شريف چيو ته هو اڄ سعودي عرب جي دوري تي روانو ٿي رهيو آهي، جنهن دوران هو سعودي قيادت سان گهڻ طرفي ڳالهيون ڪندو ۽ ان دوران ڀائراڻن لاڳاپن کي هٿي وٺرائيندو. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب اسان جي عظيم دوستن مان هڪ آهي ۽ حرمين شريفين جي نگهبان جو اسان جي دلين ۾ خاص مقام آهي.










