ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير جي انساني حقن بابت خصوصي معاون سريندر ولاسائي سان ملاقات کانپوءِ انسپيڪٽر جنرل سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ سڄي سنڌ ۾ عورتن، ٻارن ۽ خواجہ سرائن سان زيادتي سميت انساني حقن جي ڀڃڪڙين وران ڪيسن ۾ مفرور جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. آئي جي سنڌ پوليس اهڙين هدايتون پنهنجي آفيس ۾ وڏي وزير جي انساني حقن بابت اسپيشل اسسٽنٽ سريندر ولاسائي سان ملاقات کانپوعِ صوبي جي سمورن ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز کي پڻ لکت ۾ جاري ڪري ڇڏيون آهن. ملاقات دوران سريندر ولاسائي مختلف ضلعن ۾ عورتن، ٻارن ۽ خواجہ سرائن سان ٿيندڙ اجتماعي ڏاڍائي، زيادتي ۽ ناانصافي جي واقعن ۾ ملوث جوابدارن جي عدم گرفتاري جو معاملو اٿاريو، جنهن سان متاثرن ۽ سندن ڪٽنبن سان گڏوگڏ سول سوسائٽي پڻ مايوسي ۽ عدم تحفظ جو شڪار ٿيندي آهي. هن مطالبو ڪيو ته انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي ايف آءِ آرز ۾ ڄاڻايل توڙي مفرور جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن خلاف بنا دير قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي شڪايتن کي نظرانداز ڪندڙ پوليس آفيسرن کي عهدن تان هٽائي سزا ڏني وڃي. هن ان تي پڻ زور ڏنو ته پوليس آفيسرن جي اي سي آرز ۾ انساني حقن جي حوالي سان هڪ نئون معيار متعارف ڪرايو وڃي ته جيئن پوليس آفيسرن کي ان معاملي کي وڌيڪ اهميت ڏيڻ واري لاڙي کي همٿائي سگهجي. سريندر ولاسائي وڌيڪ چيو ته پوليس آفيسرن جي ترقين ۽ بدلين جي معاملي ۾ پڻ انساني حقن بابت سندن ماضي جي رڪارڊ کي نظر ۾ رکيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري هميشه انساني حقن کي اوليت ڏني آهي ۽ هو سدائين ذات پات، رنگ، نسل، مذهب ۽ جنس جي متڀيد کانسواءِ انساني حقن جي پاسداري ۽ تحفظ لاءِ ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪندو رهيو آهي. سريندر ولاسائي انساني حقن سان لاڳاپيل اڪثر ڪيسن ۾ فوري ڪارروائي ڪرڻ تي سنڌ پوليس جي واکاڻ ڪئي، ته پوليس وقت وچائڻ کانسواءِ ڏوهارين کي گرفتار ڪري عدالتن ۾ پيش ڪيو. سريندر ولاسائي آءِ جي پوليس کي 11 آڪٽوبر تي سنڌ جي انساني حقن واري کاتي پاران رٿيل صوبائي انساني حقن جي نگراني ڪميٽي لاءِ هڪ سيمينار، “Bridging Barriers & Ensuring Access to Justice: A dialogue for Provincial Human Rights Vigilance Committee” ۾ شرڪت جيدعوت ڏني. ملاقات دوران ڳالهائيندي آئي جي غلام نبي ميمڻ چيو ته پوليس کاتو انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي سنڌ حڪومت جي زيرو ٽالرنس واري پاليسي تي عمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته انساني حقن جو تحفظ هر ترقي پسند سماج جي ذميواري آهي. هن چيو ته پوليس ڪمانڊ سسٽم يقيني بڻائيندو ته آئين ۽ قانون ۾ شامل هر فرد جي حقن جو تحفظ ڪيو وڃي.










