ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي انقلابي راڳي سرمد سنڌي جي وڇوڙي کي 24 سال ٿي ويا، سرمد سنڌي جي سُريلي آواز ۾ ڳايل انقلابي گيت اڄ به سياسي ڪارڪنن ۾ جوش ۽ جذبو پيدا ڪن ٿا، سرمد سنڌي، شاهه عبدالطيف ڀٽائي، شيخ اياز، زاهد شيخ، استاد بخاري ۽ ٻين شاعرن جي شاعري پنهنجي من موهيندڙ آواز ۾ ڳائي هميشه لاءِ امر ٿي ويو، اڄ سندس 24 هين ورسي جي موقعي تي سرمد سنڌي کي مداحن طرفان ڀيٽا پيش ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.










