دادو(ن سنڌيار) ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي گذري فريادي ڌُر ام رباب چانڊيو ،پرويز چانڊيو عدالت ۾ پيش ٿيا پ پ ايم پي اي سردار احمد چانڊيو ، برهان خان چانڊيو ۽ ٻيا جوابدار ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ٿيا فريادي ۽ جوابدار ڌر جا وڪيل به عدالت پهچي ويا ڪيس جي فريادي پرويز چانڊيو جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو ، جوابدارن جي وڪيلن پاران فريادي جي جرح ڪئي وئي ام رباب چانڊيو جي گهرڀاتين جي ڪيس جي ٻُڌڻي 29 اپريل تائين ملتوي ڪئي وئي آھي، عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چيو ته 6 مهينن کانپوءِ فريادي جو بيان رڪارڊ ٿيو آهي، عدالت مان انصاف جي اميد آهي، سردارن ۽ جاگيردارن جا حوصلا ٻڌائين پيا ته هنن جي شڪست ويجهو اچي چڪي آهي، اميد آهي ته فيصلو مظلومن جي حق ۾ ايندو










