ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي آهي.آغا سراج دراني جي وڪيل جعفر رضا ايڊووڪيٽ عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته آغا سراج دراني هڪ سال 8 مهينا جيل ۾ گذاري چڪو آهي، ايترو عرصو جيل ۾ گذارڻ تي جوابدار ضمانت جو مستحق آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ جوابدار جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي 20 جولاءِ تي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت نيب کي هدايت ڪئي ته جاچ آفيسر جي حاضري يقيني بڻائي وڃي










