اسلام آباد (بيورو) ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل اعتراف ڪيو آهي ته اسان جيڪا سبسڊي ڏئي رهيا آهيون ان مان امير ماڻهو وڌيڪ فائدو وٺن ٿا.ملڪ جي معاشي صورتحال تي سيمينار کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته جڏهن اسان جي حڪومت آئي ته 44 هزار ارب رپين جو قرض هو، ملڪ کي ديوال کان بچائڻ لاءِ ڏکيا فيصلا ڪرڻا پيا.هن چيو ته جڏهن حلف کنيو ته 10.3 ارب ڊالرن جا پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا هئا، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 12 ارب ڊالر کان وڌيڪ هو. ناڻي واري وزير چيو ته هلندڙ مالي سال ۾ مجموعي طور تي 36 ارب ڊالرن جي ضرورت هئي، اسان سيلز ٽيڪس ۾ واڌ نه ڪئي آهي، انڪم ٽيڪس 38 سيڪڙو جي شرح سان وڌي رهيو آهي، ترقي آڻڻ ڏکيو پر ناهي مستحڪم ترقي ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ خساري سبب اسان کي ٻاهرين ذريعن کان قرض وٺڻو پيو، 10 کان 12 لک اوورسيز پاڪستاني 39 ارب ڊالرن جي ريمٽنس موڪلين ٿا، ڪيتريون ئي دعوائون ڪيون وڃن ٿيون پر اسان جي ايڪسپورٽ گهٽ آهي. مفتاح اسماعيل چيو ته هو جڏهن حڪومت ۾ آيو ته خبر پئي ته ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا.هن اعتراف ڪيو ته اسان جيڪا سبسڊي ڏئي رهيا آهيون ان جو فائدو اميرن کي وڌيڪ، سبسڊي جو فائدو غريب کي گهٽ، ڀاڻ جي شعبي کي تمام گهڻي سبسڊي ملي رهي آهي.ناڻي واري وزير چيو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ 70 ارب رپيا ڏنا ويا آهن، وزيراعظم جي هدايت تي 10 ارب 20 ڪروڙ رپين جا 3 لک خيما خريد ڪيا ويا آهن، هو اڄ شام ٻوڏ بابت آءِ ايم ايف سان به ڳالهائيندو.










