سبسڊي حاصل ڪرڻ لاءِ رجسٽريشن سومر کان ٿيند، ثانيه نشتر

سبسڊي حاصل ڪرڻ لاءِ رجسٽريشن سومر کان ٿيند، ثانيه نشتر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ بابت وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم پاران اعلانيل احساس راشن پروگرام جا تفصيل فراهم ڪندي چيو ته 31 هزار رپين کان گهٽ ماهوار آمدني وارن غريب خاندانن جي رجسٽريشن سومر کان شروع ڪئي ويندي. اهڙو اعلان هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ان مقصد لاءِ هڪ ويب پورٽل قائم ڪيو ويندو ۽ مستحق خاندان روزاني ضرورت جون شيون اٽو، دال، تيل، کنڊ، يوٽيلٽي اسٽورز ۽ پرچون جون شيون دڪانن تان سستي اگهه تي خريد ڪري سگهندا. هن چيو ته گهٽين ۾ کليل دڪانن کي به اها سهولت فراهم ٿي سگهي ٿي جيڪڏهن اهي هن سسٽم ۾ رجسٽرڊ ٿين. ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته احساس سماجي-اقتصادي رجسٽري سروي مڪمل ٿي چڪي آهي جنهن کي هن پروگرام جي حوالي سان مستحق خاندانن جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو. هن چيو ته رجسٽريشن جو عمل 3 کان 4 هفتن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ قومي شناختي ڪارڊ سان گڏ رجسٽرڊ فون نمبر گهربل هوندو جيڪو سامان خريد ڪرڻ کان اڳ خاص دڪانن تي ڏنو ويندو، جنهن کانپوءِ شهرين کي شناختي ڪارڊ ملي ويندا. هن چيو ته 20 ملين رجسٽرڊ خاندانن کي هر مهيني 1000 رپيا سبسڊي ڏني ويندي. خاص مددگار چيو ته جيڪي پرچون اسٽور پروگرام ۾ رجسٽر ٿيڻ چاهين ٿا انهن جي تصديق ڪئي ويندي جن کي سبسڊي جي رقم وصول ڪرڻ لاءِ سندن بئنڪ اڪائونٽ گهربل هوندو. هن چيو ته سبسڊي جي رقم ۾ مالڪن لاءِ معقول فائدا به شامل هوندا ته جيئن هو خوشي سان گهٽ ۾ گهٽ غريب ماڻهن کي کاڌ خوراڪ جون شيون فراهم ڪري سگهن. احساس پروگرام موجب ملڪ جي 60 سيڪڙو آبادي ان مان فائدو حاصل ڪري سگهندي. هڪ سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته ان پروگرام تحت 120 ارب رپين جي سبسڊي ڏني پئي وڃي جنهن مان 65 سيڪڙو صوبا ۽ 35 سيڪڙو وفاقي حڪومت ادا ڪندي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وزيراعظم جو ناڻي بابت خاص مددگار شوڪت ترين ان پروگرام تي انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) سان ڳالهه ٻولهه ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو