نوابشاهه (اي ڪي ڏاهري) دهشتگردي ٽوڙ عدالت شهيد بينظير آباد جي جج رسول بخش سومرو جي عدالت ۾ سانگهڙ ريلي واقعي جا جوابدار ايم پي اي خليفو وريام فقير، ايم پي اي خليفو علي غلام نظاماڻي، ڪاشف نظاماڻي، ناظر حسين نظاماڻي، ميونسپل ڪميٽي سانگهڙ جو چيئرمين دلبر خان نظاماڻي، وقار جٽ، فقير ظفر الله، فقير محمد بچل، ساجد حسين، صدام حسين، فقير غلام رسول بهڻ، غلام مصطفيٰ نظاماڻي ۽ ٻيا پيش ٿيا. ان دوران ڪيس جا شاهد عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت ڪيس جي شنوائي 11 فيبروري تائين ملتوي ڪئي وئي. انهي موقعي تي فقير علي احمد چانگ، فقير گلشير چاڪراڻي، رئيس حاجي عالم خان شر، فقير غلام مصطفيٰ ڀاڻوجو ۽ ٻيا موجود هئا.










