سانگهڙ: (ن س) سانگهڙ لڳ زال ۽ مڙس ۾ اچانڪ گهرو معاملو ٿيڻ تي زال مهرالنساءِ شاهه ڪار بهارائي واهه ۾ ٽپو ڏنو ته پويان سندس مڙس فدا حسين شاهه به واهه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو، 8 ڪلاڪن جي ڳولا کانپو نوجوان فدا حسين شاهه جو لاش هٿ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته عورت جي لاش جي ڳولا اڃا جاري آهي پر ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود لاش هٿ نه اچي سگھيا آبپاشي کاتي جا عملدار ۽ سوين ڳوٺاڻا واقعي واري هنڌ پهچي ويا.واقعي بابت خبر پئي آهي ته فدا حسين شاهه پنھنجي گھر واريءَ مهرالنساءِ شاهه مٺڙائو ڪينال ۾ ٽپو ڏنو آھي، جڏھن ته واقعي واري هنڌ موجود راضي شاهه ٻڌايو ته اسان فدا حسين شاهه ۽ سندس گھرواري مهرالنساءِ شاهه، سندس 6 سالن جي ڌي رقيه شاهه ۽ ڀائٽي سان گڏ ٽنڊوآدم ۾ روحاني علاج جي سلسلي ۾ وياسين ۽ واپسي ٽنڊو مٺا خان اچي رھيا ھئاسين ته زال ۽ مڙس جو گھرو معاملي تي جھيڙو ٿي ويو ۽ گاڏي مٺڙائو ڪينال وٽ بيهاري ته مهرالنساءِ دروازو کولي ڪئنال ۾ ٽپو ڏيئي ڇڏيو جنھن کي بچائڻ لاءِ سندس مڙس فدا حسين شاهه به ٽپو ڏنو.واقعي بابت پوليس ٻڌايو ته اسين جاچ ڪري رھيا آھيون، واقعي جا تفصيل ورتا آهن، لاشن جي ڳولا ٽوٻا گهرايا آھن.هوڏانهن واقعي کي 8ڪلاڪ گذري وڃڻ باوجود به انتظاميه طرفان ڪوبه واقعي واري هنڌ نه پهتو جڏهن ته مقامي ٽوٻن ۽ ڳوٺاڻن پاران لاش جي ڳولاڪئي پئي وڃي.
مشهور خبرون










