فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته مون سينيئر آفيسرن کي چيو هو ته اڄ توهان عمران خان کي آڻڻ لاءِ هر حربو استعمال ڪري رهيا آهيو، منهنجا لفظ ياد رکجو جڏهن عمران نيازي پنهنجو اصل چهرو اوهانکي ڏيکاريندو ته نواز شريف اوهانکي فرشتو نظر ايندو. فيصل آباد ۾ موٽر وي ايم 3 سان ڳنڍيل ستانه بائي پاس جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هاڻي اليڪشن اچي رهي آهي، توهان پنهنجي ووٽ جي طاقت سان نه رڳو 2018ع ۾ ڌانڌلي جي زور تي ڪامياب ٿيندڙن کي شڪست ڏيڻي آهي پر مسلم ليگ ن کي 2018ع ۾ فيصل آباد مان سو سيڪڙو ڪاميابي حاصل ڪري بدلو وٺڻو آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ان منصوبي سان فيصل آباد جي عوام کي فيصل آباد کان ٻاهر نڪرڻ ۽ داخل ٿيڻ ۾ وڏي سهولت ملندي. گذريل حڪومت ڪنهن هڪ به منصوبي تي ڪم نه ڪيو پر چئن سالن تائين پاڪستاني سماج ۾ زهر اوڳاڇيندي رهي ۽ ڪرپشن جا ڪوڙا الزام لڳائيندي رهي. شهباز شريف چيو ته جنهن شخص چيو هو ته حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ خيبرپختونخواهه وانگر سڄي ملڪ ۾ اسپتالن جو نيٽ ورڪ لڳائيندو، ان ڇا ڪيو؟. ٽن مهينن ۾ 300 ارب ڊالر واپس آڻيندس، پر هڪ پائي به نه آندي، هن چيو ته مري ويندس پر آءِ ايم ايف وٽ نه ويندس. پر آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪري ان جي خلاف ورزي ڪئي، جنهن جو سمورو بار اسان جي حڪومت تي پئجي ويو. هن چيو ته هن شخص ٻن صوبن جي ناڻي واري وزير کي اهو چئي آءِ ايم ايف سان معاهدو ٽوڙڻ جي سازش ڪئي ته آءِ ايم ايف کي خط جاري نه ڪيو، ان کان وڏي سازش ملڪ مان ڪهڙي ٿي سگهي ٿي. وزيراعظم چيو ته 2018ع ۾ جڏهن ملڪ جي معيشت راڪيٽ وانگر مٿي وڃي رهي هئي، هڪ سازش هيٺ نواز شريف کي بي بنياد الزامن تي نا اهل ڪيو ويو، پاناما ۾ 400 کان مٿي ماڻهن جا نالا هئا ڪنهن خلاف ڪاروائي نه ٿي. نواز شريف جو نالو ئي ڪو نه هو پر هنکي اڪامي ۾ نا اهل ڪيو ويو ۽ ان سموري سازش جو ماسٽر مائينڊ ان وقت جو چيف جسٽس ثاقب نثارهو. هن چيو ته ان وقت مون سينيئر آفيسرن کي چيو هو ته اڄ توهان عمران خان کي آڻڻ لاءِ هر حربہ استعمال ڪري رهيا آهيو، منهنجا لفظ ياد رکو جڏهن عمران نيازي توهان کي پنهنجو اصل چهرو ڏيکاريندو ته توهان نواز شريف کي فرشتو نظر ايندا. شهباز شريف چيو ته اڄ ڊفالٽ جو ڪو به نشان ناهي. هن چيو ته جيڪڏهن اسان کي پنجن سالن جو موقعو ڏنو وڃي ته اسان سڀ اتحادي گڏجي پاڪستان جي تقدير بدلائينداسين ۽ ملڪ کي خوشحالي ۽ ترقي جي سفر تي گامزن ڪنداسين ۽ ترقي جو سفر ائين ئي ٿيندو جڏهن نواز شريف 20، 20 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي، اهڙي طرح هن چين کان 30 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي جنهن سان لکين ماڻهن کي روزي ملندي هئي، روڊن جا نيٽ ورڪ وڇايا. وزيراعظم چيو ته مهانگائي جي شرح ان ئي طريقي سان گهٽ ٿيندي جڏهن نواز شريف جي دور ۾ مهانگائي جي شرح ساڍا ٽي سيڪڙو هئي، جيڪڏهن مسلم ليگ (ن) جي ايندڙ حڪومت آئي ته پاڪستان کي وڃايل مقام ڏيارڻ لاءِ جانون ڏئي بيهاريندا ۽ ڪشڪول ٽوڙي بني گالا جي چوڌاري ڦهلائي ڇڏيندا.شهباز شريف چيو ته نواز شريف جي قيادت ۾ لکين ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي ليپ ٽاپ ڏنا ويندا هئا، پر هاڻي لکين ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي مفت ليپ ٽاپ فراهم ڪندا، لکين ايڪڙ زمين آباد ڪندا ۽ سڄي پاڪستان کي معدنيات جي دولت سان مالا مال ڪندا.هن چيو ته اڄ جي اخبارن ۾ آيو آهي ته بجلي جا اگهه غريب عوام تي ڪري ڇڏيا آهن پر مان واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته 200 يونٽ بجلي استعمال ڪرڻ وارن لاءِ قيمتون نه وڌايون ويون آهن پر جيڪي وڌيڪ بجلي استعمال ڪن ٿا انهن جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي ڇو ته آءِ ايم ايف جون شرطون پوريون ڪرڻيون هيون.وزيراعظم چيو ته اوهان (عوام) جنهن کي چونڊي ايندڙ چونڊن ۾ اسلام آباد موڪليو، ان جو احترام ڪنداسين، پر جيڪڏهن اوهان مسلم ليگ (ن) کي موقعو ڏيو ته مان اوهان کي يقين ڏيارڻ چاهيان ٿو ته ايندڙ وزيراعظم نواز شريف ئي هوندو.










