ساره جاويد سنڌ ۾ پهرين عيسائي ڊپٽي ڪمشنر مقرر

ساره جاويد سنڌ ۾ پهرين عيسائي ڊپٽي ڪمشنر مقرر

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پنهنجي جامع پاليسي جي مطابق سنڌ حڪومت سارہ جاويد کي صوبي جي پهرين عيسائي ڊپٽي ڪمشنر مقرر ڪيو آهي،هڪ نوٽيفڪيشن موجب سارهه جاويد کي سانگھڙ ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر مقرر ڪيو ويو آهي چيف سيڪريٽري سنڌ پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سارهه جاويد پي اي ايس (بي ايس-18) جي آفيسر ڊپٽي سيڪريٽري، وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ، سنڌ کي فوري طور تي ڪليڪٽر/ڊپٽي ڪمشنر، سانگھڙ طور تي ۽ ايندڙ حڪمن تائين مقرر ڪيو ويو آهي، 2014 بيچ مان سي ايس ايس قابليت رکندڙ، سارهه اڳ ۾ ڪراچي جي صدر، سائيٽ ايريا ۽ حيدرآباد سميت ڪيترن ئي اهم علائقن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر طور خدمتون سرانجام ڏئي چڪي آهي، هن 14 مهينن تائين ٿرپارڪر ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر-1 جي عهدي تي پڻ فائز رهي، ڪووڊ وبا دوران، سارہ ضلعي ڏکڻ انتظاميه ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ بحران کي منظم ڪرڻ ۾ سندس ڪردار لاءِ قومي سطح جي ايوارڊ سان نوازيو ويو. نوٽيفڪيشن ۾ شهيد بينظير آباد جي ڪليڪٽر/ڊپٽي ڪمشنر، پي اي ايس (بي ايس-19) جي آفيسر شهريار گل کي اضافي چارج کان به فارغ ڪيو ويو.ٻه ڏينهن اڳ، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزن جي هندو برادري جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي، جتي هن اعلان ڪيو ته سندس حڪومت هڪ جامع ڀرتي پاليسي جي حصي طور ڪولهي، ڀيل ۽ ميگهواڙ کي سنڌ پوليس ۾ ڀرتي ڪيو آهي.هن ان غلط فهمي کي دور ڪيو ته هندو اغوا جي ڪيسن ۾ خاص طور تي نشانو بڻايا ويندا آهن، هن چيو ته 2024-25 ۾، اغوا جي 310 رپورٽ ٿيل واقعن مان، صرف اٺ متاثر هندو هئا. انهن مان، ست بازياب ٿيا آهن، صرف هڪ هندو، راجيش سان لاڳاپيل ڪيس حل نه ٿيو آهي.هن وڌيڪ چيو ته هندن کان علاوه، موجوده ڪيسن ۾ پنج مسلمان به بازياب نه ٿيا آهن. ٻي صورت ۾، حڪومت تاوان لاءِ اغوا کي وڏي پيماني تي ڪنٽرول ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو