اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) مڙس هٿان بيدردي سان قتل ٿيل سارا انعام کي اڱاري ڏينهن چڪ شهزاد ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد سندس مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. گذريل جمعي تي سندس مڙس شاهنواز امير جيڪو نامياري صحافي اياز امير جو پٽ آهي، تنهن ورذس ڪرڻ واري ڊمب بيل هڻي قتل ڪيو هو. سارا جو والد ۽ بيا عزيز گزريل ڏينهن وطن پهتا هئا. ڪئناڊا جي شهريت رکندڙ سارا 10 سالن کان يُو اَي اِي ۾ حڪومت جي مختلف ادارن م اڪنامڪ ڪنسلٽنٽ طور ڪم ڪندي هئي. تدفين بعد سندس والد انعام رحيم ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شاهنواز جهڙا بگڙيل ماڻهو امير ڇوڪرين کي فاسائي دولت لاءِ قتل ڪندا آهن. هن چيو ته سارا منهنجي پياري ۽ نفيس ڌيءَ هئي روز ساڻس ڳالهه ٻولهه ٿيندي هئي. هن سان وڏو ظلم ٿيو آهي اها بربريت آهي. قاتل پاڻ اقرار ڪيو آهي، ڪيس ڊگهو نه ڪريو چند حاضرين بعد ملزم کي ڦاهي ڏني وڃي. جيڪڏهن ڪيس کي اينگهايو ويو ته اها وڏي نا انصافي هوندي. ياد رهي ته اياز امير کي به پوليس گرفتار ڪيو هو پر سندس چوڻ هو ته هو واقعي وقت چڪوال ۾ هو ۽ پنهنجي پٽ جي فعل جي مذمت ڪندي مطالبو ٿو ڪري ته سندس خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي، هن جو ساڻس ڪو واسطو ناهي، اهڙو واقعو ڪنهن سان به نه ٿيڻ گهرجي. سومر تي هن ضمانت ڪرائي ورتي هئي. جوابدار شاهنواز پوليس رمانڊ تي آهي. هن ڪيس ۾ وارثن بدران فريادي پوليس آهي، جيڪو ڪيس ۾ وڏو جهول آهي.
سارا انعام ڪير هئي؟ هي به پڙهو. لنڪ تي ڪلڪ ڪريو










