سائفر انڪوائري،اعظم خان ايف آءِ اي ۾ طلب

سائفر انڪوائري،اعظم خان ايف آءِ اي ۾ طلب

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي اڳوڻي سيڪريٽري اعظم خان کي طلب ڪري ورتو آهي.ايف آءِ اي اعظم خان کي طلبي جو نوٽيس جاري ڪندي 25 آڪٽوبر تي 1 وڳي ايف آءِ اي آفيس ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي.نوٽيس موجب گهرو سيڪريٽري جي درخواست تي ايف آءِ اي ڪائونٽر ٽيررازم ۾ انڪوائري داخل ڪئي وئي آهي.واضح رهي ته ايف آءِ اي عمران خان جي اعظم خان سان سائفر تي ٿيل ڳالهه ٻولهه جي جاچ ڪري رهي آهي.عمران خان جي دور حڪومت ۾ اعظم خان سندس سيڪريٽري جا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو