لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز چيو آهي ته افسوس جي ڳالهه آهي ته زيادتي جا واقعا روز جو معمول بڻجي ويا آهن، عورتن کي هراسان ڪرڻ منهنجي ريڊ لائن آهي.عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته هوءَ چاهي ٿي ته ٻين صوبن ۾ به عورتون وزيراعليٰ هجن.عورتن لاءِ ڪو به هڪ ڏينهن مخصوص ناهي، هر ڏينهن عورتن جو ڏينهن آهي، مان هر عورت کي سلام پيش ڪريان ٿو.مريم نواز چيو ته عورتن کي هراسان ڪرڻ سميت ڪيترائي مسئلا برداشت ڪرڻا پوندا آهن پر ان باوجود عورتون زندگي جي هر شعبي ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري رهيون آهن.پنجاب جي وڏي وزير چيو ته هراساني ۽ ٻين مسئلن مان به پريشان آهيان، عورتون زندگي جي ڪنهن به شعبي ۾ پرفارم ڪرڻ چاهين ٿيون ته ضرور ڪن، عورتن کي هراسان ڪرڻ منهنجي ريڊ لائن آهي.مريم نواز جو اهو به چوڻ هو ته بدقسمتي سان زيادتي جا واقعا روز جو معمول بڻجي ويا آهن، اسان جي نظام ۾ اڃا به ڪيتريون ئي خاميون آهن، بدقسمتي سان اسان جي معاشري ۾ رڳو عورتن تي پابنديون لڳل آهن.ماءُ پيءُ ۽ ڀينرن کي گهرجي ته عورت ۾ اعتماد پيدا ڪن، جيڪڏهن ڇوڪري اعتماد سان پنهنجي گهر ۽ ماءُ جي گود مان نڪرندي ته هوءَ وڌيڪ طاقتور ٿيندي.هن چيو ته عورتن جي تحفظ لاءِ هڪ سيفٽي ايپ ٺاهي وئي آهي، اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽي جون شاگردياڻيون ۽ پورهيت عورتون ان ايپ کي استعمال ڪن، جنسي ڏاڍائي ۽ تشدد جا جوابدار پڪڙيا وڃن ٿا پر کين عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو.مريم نواز چيو ته ننڍڙن ٻارن کي گهريلو ملازم رکڻ ڏوهه آهي، کين سخت سزا ملندي، سيف سٽي پراجيڪٽ تي شهباز شريف کي سلام پيش ڪريان ٿو، سيف سٽي پروجيڪٽ تحت پنجاب جي ٻين شهرن ۾ به ڪيمرائون لڳايون وينديون.پنجاب جي وڏي وزير پنجاب پبلڪ سروس ڪميشن تحت نوڪرين ۾ عورتن جي ڪوٽا 15 سيڪڙو تائين وڌائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته کاتن ۾ ڊي ڪيئر سينٽر ٻيهر شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.مريم نواز چيو ته 3 ڏينهن ۾ زچگي جي موڪل جي منظوري لاءِ قانون ٺاهڻ وارا آهن، عورتن جي سيٽن تي فوري طور تي عورتن کي ڀرتي ڪيو ويندو، سيف سٽي ۾ ڪم ڪندڙ عورتن لاءِ هاسٽلن لاءِ فنڊ جاري ڪيا پيا وڃن، ننڍن ڪاروبارن کي بنا وياج جا قرض ڏنا ويندا. عورتن کي ڏنو وڃي.










