ڪوٽ لالو(باغ علي) ڳوٺ ٻڍو ملو واسي محمد سالار راڄپر، عبدالرزاق راڄپر، باغ ۽ ٻين چيو ته اسان جي گهر کي رات هٿ سان باھ لڳائي وئي جنهن جي نتيجي اسان جي گهر ۾ پيل قيمتي سامان اناج، روڪ رقم ۽ مال سڙي ويو آهي. هنن الزام ھڻندي چيو ته مگسي برادري جا بااثر نظرمگسي، اظهر مگسي، قاسم، اعظم ۽ ٻيا اسان جي 76 ايڪڙ زرعي زمين تي قبضو ڪرڻ چاهن ٿا ڪالھ به اسان جي گهرتي هٿيارن جي زور تي حملو ڪيو ۽ اسان کي يرغمال بڻائي اسان جي زمين ۾ ٽريڪٽر ڪاھڻ لڳا ۽ اڄ رات اسان جي گهر کي باھ ڏئي نقصان ڪيو آهي. ٻئي ڌر محمد اعظم مگسي، هدايت علي مري موقف ڏيندي چيو ته زمين اسان جي آهي ۽ سول ڪورٽ ٺري ميراھ ۾ ڪيس هلندڙ آهي عبدالرزاق راڄپر ڀاڳيو راڄپر ۽ ٻيا ڪورٽ جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪندي پنهنجي گهرکي پاڻ باھ ڏئي اسان تي الزام هنيا آهن. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڪوٽ لالو غلام مصطفيٰ ٻڌايو ته راڄپر ۽ مگسي برادري جو زميني تڪرار هلندڙ آهي اسان مامعلي جي جانچ ڪيون پيا.










