پنوعاقل(سنتوش ڪمار) ڳوٺ حاجي امام بخش انڍڙ ۾ زمين جي معاملي تان انڍڙ برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب اٺ عورتن سميت 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي طبي امداد لاءِ تعلقه اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو آهي زخمين ۾ ٻنهي ڌرين جون عورتون ۽ مردن رحيم بخش، سونو، عبدالخالق، سليم، نويد، لطيف انڍڙ، عبداللہ انڍڙ، سجاد انڍڙ، قدير انڍڙ، لال دين انڍڙ،محمد اسماعيل، محمد اسحاق، مشتاق احمد، اياز احمد، فاروق انڍڙ ۽ مائي مٺڻ، مائي فرزانه مائي حليمه ،مائي حبان سميت 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين مان 4 عورتن سميت اٺن ڄڻن کي سکر ريفر ڪيو ويو آهي، هوڏانهن ٻنهي ڌرين پاران پنوعاقل جي سٽي ٿاڻي تي هِڪ ٻئي خلاف جهيڙي جي اين سي داخل ڪرائي وئي آهي.










