ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوار آصف علي زرداري صدارتي چونڊن ۾ ووٽن جي معاملي تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه خالد مقبول صديقي سان رابطو ڪيو.ذريعن موجب پيپلز پارٽي جي نامزد صدارتي اميدوار آصف علي زرداري ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه خالد مقبول کي فون ڪري سياسي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي اڳواڻن صدارتي چونڊ، سياسي صورتحال ۽ سنڌ جي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي جي نامزد صدارتي اميدوار آصف علي زرداري ايم ڪيو ايم کان ووٽن جي درخواست ڪئي، جنهن تي خالد مقبول صديقي کيس يقين ڏياريو ته هو مشاورت کانپوءِ جلد جواب ڏيندو.










