اسلام (بيورو)ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته زبردستي ڪجهه نه ٿيو، سڀ ڪجهه مشاورت سان ٿيو.مفتاح اسماعيل هڪ بيان ۾ چيو ته هو ريئل اسٽيٽ بروڪرز، بلڊرز، هائوسنگ سوسائٽي ڊولپرز، ڪار ڊيلرز، ريسٽورنٽ، سيلون وغيره کي نيٽ ۾ آڻيندو.هن چيو ته ننڍن دڪاندارن ۽ جيولرز کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ لاءِ هن پنهنجي تنظيمن سان ڳالهايو آهي، جيڪو سندن چوڻ تي ڪيو ويو آهي.










