اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي سبب تيل ڪمپنين کي ٿيندڙ نقصان جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.ذريعن موجب اوگرا آئل ڪمپنين کان 6 مهينن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن ۽ آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين کي 2 هفتن اندر نقصان جا تفصيل جمع ڪرائڻ جو چيو ويو آهي.ذريعن موجب اوگرا چيو آهي ته ڪمپنين جي درآمدي قيمت کي عالمي سطح تي تيل جي قيمتن سان مقابلو ڪيو وڃي ۽ ڪمپنيون نقصان کان بچڻ لاءِ حڪومتي پاليسي موجب درآمد کي يقيني بڻائين.










