اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر عارف علوي ريپ جي واقعن جي روڪٿام واري آرڊيننس جي منظوري ڏئي ڇڏي، آرڊيننس جي منظوري بعد عورتن ۽ ٻارڙن سان جنسي زيادتي جا معاملا جلد اڪلائڻ لاءِ سموري ملڪ ۾ خاص عدالتون قائم ڪيون وينديون، نادرا جي مدد سان زيادتي ڪيسز جي جوابدارن کي رجسٽرڊ ڪيو ويندو، آرڊيننس تحت جنسي زيادتي جي متاثرن جي سڃاڻپ ظاهر ڪرڻ تي مڪمل پابندي هوندي.خلاف ورزي ڪندڙن ميڊيا توڙي پوليس اهلڪارن کي سزا ملندي.










