پڊعيدن (مجاهد شر) تاريخي جنڪشن اسٽيشن پڊعيدن ۾ انتظاميه جي بي ڌياني سبب ريلوي اسٽيشن جي ڪراسنگ پل هڪ سال گذرڻ باوجود رولڙي جو شڪار آھي جنهن ڪري اسٽيشن تي حادثا روز جو معمول بڻجي ويا آهن. ان کان علاوهه ڪراچي توڙي پنجاب کان ايندڙ ويندڙ مسافرسخت ڏکيائن کي منهن ڏيڻ لڳا آهن.

واضح رھي ته پڊعيدن ريلوي اسٽيشن کي جنڪشن جو درجو به ڏنل آھي شھر واسين جو چوڻ آھي ته اسان ريلوي وزير ۽ ڊي اين ڊي ايس سکر کي اپيل ٿا ڪيون ته جلد کان جلد ڪراسنگ پل ٺھرائي شهرين جي مشڪلات دور ڪرڻ سان گڏ روز حادثن ۾ ضايع ٿيندڙ انساني جانيون بچايون وڃڻ.










