ڏهرڪي (وجي ڪمار) ڏهرڪي ڀرسان ٽرين حادثي جو شڪار ٿيل ٽن گهر ڀاتين جا جنازا گهر مان کڄڻ وقت ڏک وارو ماحول، هر اک آلي، علائقي ۾ سوڳ ڇانيل، سوين آلين اکين سان ٽنهي گهر ڀاتين جا مڙهه اباڻي قبرستان ۾ دفنايا ويا، رات دير سان اعواڻ ڦاٽڪ وٽ ٽرين جي ٽڪر ۾ ڪار سوار هيڊماستر حضور بخش لغاري، سندس گهر واري حسينا لغاري ۽ ڇهه سالن جو معصوم پٽ ارسلان فوت ٿي ويا، جنهن جي جنازي نماز داد لغاري ڀرسان ڳوٺ نظر محمد لغاري ۾ ادا ڪئي وئي، هڪ ئي وقت ٽن گهر ڀاتين جا مڙهه کڄڻ وقت هر اک آلي نظر آئي، ٽنهي فوتين جا مڙهه اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا. ٻئي پاسي ريلوي جي وفاقي وزير جي ريلوي اسٽيشن جي دوري تي اچڻ جو ٻڌي ڏهرڪي ۾ ٽرين حادثي واري هنڌ کليل ڦاٽڪ تي شهرين ۽ ڳوٺاڻن ريلوي ٽريڪ تي بيهي رحيم يار خان کان ايندڙ شيخ رشيد جي ٽرين کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. ٽرين ڊرائيور شهرين کي ٽريڪ تي ڏسي ايمرجنسي بريڪ لڳائي ۽ جيئن ئي ماڻهو ٽريڪ تان هٽيا ته ٽرين رواني ٿي وئي، شهرين شيخ رشيد خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي، ثناءُ الله شر، مشتاق علي، الطاف حسين ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته هي خوني کليل ڦاٽڪ آھي، ڦاٽڪ جو گيٽ نه هجڻ ڪري هڪ سال اندر هتي ڪيترائي واقعا ٿي چڪا آ هن، هنن چيو ته وفاقي وزير مڪمل ناڪام ٿي چڪو آھي.










